جاگيراڻي اعتبار علي

جاگيراڻي اعتبار علي: ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پهرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇُٽي جاگيراڻيءَ لڳ جمعي اگهم ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي دولت خان جاگيراڻي پنهنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هو. گذر سفر لاءِ ڳوٺ ۾ ننڍڙو هٽ هلائيندو هو. اعتبار خان جاگيراڻي شروعاتي تعليم جمعي اگهم ۽ تعلقي ميري خان جي هڪ ڳوٺ حيدر چانڊيي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ رتيديري شهر جي اي. وي اسڪول ۾ داخل ٿيو، پر غربت سبب ۽ رتيديري شهر ۾ رهائش نه هئڻ ڪر، وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. 1943ع ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي پارٽي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ساڻس گڏ لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل ۽ اڳوڻو سفير عبدالرزاق سومرو به خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 30 جولاءِ 1946ع تي علامه عنايت الله مشرقيءَ جي چوڻ تي 3 لک خاڪسار گهنٽا گهر چاندني چوڪ دهليءَ ۾ گڏ ٿيا. انگريز حڪومت ان جلسي تي پابندي مڙهي هئي. پوليس ڪارروائيءَ ۾ ٻين خاڪسارن سان گڏ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي به گرفتار ٿيو. ساڻس گڏ سنڌ جو مشهور اديب ۽ قديم آثارن جو ماهر تاج صحرائي به گرفتار ٿيو هو. پاڪستان ٺهڻ وقت ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي دهليءَ جي قيد خاني ۾ بند هو. سندس قربانيءَ عيوض علامه عنايت الله مشرقي کيس ’جانباز‘ جو لقب ڏنو. 7 جنوري 1949ع تي ٻه سال قيد ڀوڳي، پنهنجي وطن پهتو ۽ اچي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1952ع ۾ رتيديري مان ’هاري‘ اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو ۽ ايڊيٽر ناميارو شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي هو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ 1970ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. 28 جون 2002ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪيائين.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.04.01  عيسوي

جاگيراڻي اعتبار علي: ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پهرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڇُٽي جاگيراڻيءَ لڳ جمعي اگهم ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿامس هينري ونس
سوامي ليلا شاهه
ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر
سيف الله خان مگسي
زرغونه
پرڏيهي پير
بسنت فقير زوار
تاج محمد فقير
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون